شاهه يقيق جي درگاهه

شاهه يقيق جي درگاهه

شاهه يقيق جي درگاهه

شاهه يقيق جي درگاهه (ماڳ): شاهه عقيق جي مزار چوهڙ جماليءَ کان اٺ ڪلوميٽر فاصلي تي ڪچو مڙهو ضلعي ٺٽي ۾ آهي. هي بزرگ ميين عثمان جو همعصر هو. مزار تي روضو پڪو ٺهيل آهي، هتي هر سال 11 جمادي الاول تي ٽن ڏينهن تائين ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ ڪراچي، ملبار، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کان بزرگ جا مريد اچي شريڪ ٿيندا آهن. شاهه يقيق جي مقبري کان ڪجهه فاصلي تي سندس ڀاءُ مير عبدالله عرف ٽلڻ شاهه جو مقبرو آهي. هن درگاهه تي اڪثر عقيدتمند درگاهه جي چؤگرد ڦرندا ۽ دانهون ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو